سيد محمد وريل شاهه سبزواري

سيد محمد وريل شاهه سبزواري: سيد محمد وريل شاهه سبزواري، سيد مير ڪلان سبزواريءَ جي خاندان ۾ 1901ع ڌاري سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. کيس اهو اعزاز حاصل هو ته هو سنڌ جي سيد خاندان مان پهريون گرئجوئيٽ ۽ دادو ضلعي جو پهريون گرئجوئيٽ ۽ درگاهه قلندر لعل شهباز جو سجاده نشين هو. سندس زمينداريءَ سان گڏ سياست طرف لاڙو هو. سماجي حوالي سان سندس ڪافي خدمتون آهن. ٽي ڀيرا سيوهڻ ميونسپل جو صدر به رهيو.
سيد محمد وريل شاهه سبزواري سٺو مرثيه خوان هو، کيس سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ ٻين جا مرثيا برزبان ياد هئا. شاهه صاحب کي چئن پٽن: سيد صادق علي شاهه، سيد فتح علي شاهه المعروف حاجن شاهه، سيد مظفر علي شاهه ۽ سيد ارشاد علي شاهه جو اولاد ٿيو، جن مان سيد حاجن شاهه ٽائون ڪميٽي سيوهڻ جو چيئرمئن رهيو، جڏهن ته سيد مظفر علي شاهه سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي ۽ سيد ارشاد شاهه پڻ اعليٰ حڪومتي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي.
سيد محمد وريل شاهه سبزواري 1958ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو